پيهي منجھه پاتار

پيهي منجھه پاتار

پيهي منجھه پاتار

پيهي منجھه پاتار (ڪتاب): هي ڪتاب هند ۽ سنڌ جي نامياري ليکڪ، ســنـڌي ٻـولـيءَ جـي دانـشــور ۽ هـندسـتان ۾ ’سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا‘ جي پليٽ فارم تان 1956ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ کي هندستان کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ واري تحريڪ جي اڳواڻ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جو لکيل آهي، جنهن ۾ سندس هيٺيان اهم تنقيدي مضمون شامل آهن:
(1) سنڌي مضمون جي اوســر،
(2) سنڌي ناٽڪ ورهاڱي کـان اڳ،
(3) شاهه لطيف: سماجڪ حقيقت پرست،
(4) سامي صاحب جي اڄ جي يگ ۾ مناسبت،
(5) مارڪسوادي جماليات ۽ رچناتمڪ پرڪريا.
هي ڪتاب آرميڪ سنڌي ساهتيه پرچار يوجنا، پوني (انڊيا) پاران آگسٽ 1985ع ۾ شايع ڪيو ويو ۽ انعامي مقابلي ۾ پهريون نمبر آيو. ڪچي جلد سان، 100 صفحن تي مشتمل هِن ڪتاب جي قيمت 20 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو